سي ٽي ڊي پوليس متحده لنڊن جي اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي پوليس منگو پير روڊ تي ڪارروائي ڪندي محتده لنڊن جي اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي پوليس منگهو پير روڊ تي ڪارروائي ڪندي متحده لنڊن جي اهم دهشتگردي آصف ڀايا کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار جوابدار دهشتگردي، قتل ۽ قتل جي منصوبن سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. سي ٽي ڊي دهشتگردي جي ڪيسن ۾ مفرور اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.