ڪراچي ۾ فائرنگ، کدڙو فقير قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ گهر اندر گهڙي فائرنگ ڪري کدڙي فقير کي قتل ڪيو ويو.

عوامي ڪالوني ٿاڻي جي علائقي ڪورنگي سيڪٽر 9 بلال ڪالوني ڀرسان ڪچي آبادي ۾ موجود گهر نمبر 540 ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي کدڙي فقير کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

سخت زخمي کدڙي فقير کي جناح اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو. ان حوالي سان ايس پي ڊي ۽ لانڍي اقبال اعواڻ ۽ ايس ايڇ او عوامي ڪالوني همايون خان ٻڌايو ته مقتول کدڙي فقير جي سڃاڻپ 60 سالن جي محمد صديقي عرف ممتاز جي نالي سان ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.