فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ناڪاري اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ناڪاري اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي تي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت درخواست گذار کان سوال ڪيو ته ٻڌايو 5 جي ٽيڪنالاجي ڪيئن صحت لاءِ نقصانڪار آهي؟ ڇا 5 جي جو ڪنهن کي لائسنس ڏنو ويو آهي؟

درخواست گذار چيو ته 5 جي ٽيڪنالاجي انساني صحت، ماحول ۽ آب هوا لاءِ نقصانڪار آهي ۽ ان جو باقاعده لائسنس ڪنهن کي جاري ناهي ٿيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا پي ٽي اي اختياريون وضاحت ڏئي ٿيون سگهن ته 5 جي جا ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا؟ دنيا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اسان پابندي هڻي ڇڏيون؟ اسان پي ٽي اي جي جواب کانپوءِ ئي ڪارروائي اڳتي وڌائينداسين.

عدالت فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت پي ٽي اي اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.