ملڪ ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اڄ به سستو ٿي ويو.

ملڪ ۾ سون اگهن ۾ اڄ به گهٽتائي ٿي ۽ 950 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 4 هزار 450 رپيا ٿي وئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون 814 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 89 هزار 550 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالر گهٽجڻ سان هڪ هزار 726 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.