پي ڊي ايم پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي شوڪاز موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جي صدر جي منظوري سان پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي شوڪاز جاري ڪيا ويا آهن، شوڪاز واٽس ايپ ڪيا ويا آهن جنهن جي اصل ڪاپي اڄ سينيٽ اجلاس دوران ڏني ويندي.

هن چيو ته شوڪاز نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته توهان حڪومتي بينچ مان کڻي مخالف ڌر جي ڪرسي حاصل ڪئي آهي، اِهو پي ڊي ايم جي نظريي جي خلاف آهي، ان حوالي سان فيصلو پي ڊي ايم جو هوندو، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي جواب جي لاءِ 7 ڏينهن ڏنا آهن، جيڪو جواب ايندو ان کي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري جو چوڻ هو ته نوٽيس تي لکيل آهي ته پي ڊي ايم ان نوٽيس کي پبلڪ نه ڪندي البت ٻئي پارٽيون چاهن ته نوٽيس کي پبلڪ ڪري سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ پي ڊي ايم ملتوي ڪيو آهي، پ پ کي موقعو ڏنو هو ته هو سي اي سي کان پڇي ٻڌائي ته هو استعيفيٰ ڏيندي يا نه.

هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته گيلاني کي مخالف ڌر اڳواڻ نه مڃڻ بابت فيصلي تي نظرثاني نه ٿيندي.

ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس بلاول ڀٽو زرداري جي نالي ۽ اي اين پي جو شوڪاز نوٽس اسفنديار ولي ڏانهن موڪليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.