”پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ايندڙ مسافرن کي روڪيو وڃي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي مان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ هوائي سفر بند ڪيو وڃي، نتيجي ۾ صوبي اندر صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح وڌي 5 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، پر پوءِ به صوبي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه واريون حالتون ناهن، ڪجهه اڳواٽ قدم کنيا آهن، ۽ وفاق کي به مدد جو چيو آهي.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سڀني کي خبر آهي ته روزاني هزارن جي انگ ۾ ماڻهو سنڌ ايندا ويندا آهن، سنڌ جي بارڊر تي ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ ڏکيو ڪم هوندو، ۽ جيڪڏهن ماڻهو ايندا ويندا رهيا ته وائرس ماڻهن کي نقصان رسائيندو، وفاق کان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر اڃا تائين وفاق بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، صحيح قدم نه کنيا ويا ته خدشو آهي ته سنڌ ۾ به صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، وفاق کان مطالبو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ، ٽرين ۽ هوائي سفر بند ڪيو وڃي.

تعليم واري وزير چيو ته ڪورونا جي حوالي سان ماهرن کان راءِ وٺون پيا، اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اڪثريت اسڪول بند ڪرڻ جي رائي ڏني، ڪالهه اسان صوبي جي اسڪولن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، اٺين درجي تائين جي ٻارن جون فزيڪل ڪلاسون بند ڪرڻ بابت هو، نوٽيفڪيشن جي ذريعي اٺين ڪلاس تائين تدريس جو عمل معطل ڪيو، اسڪول ايسوسيئيشنز جي ڪجهه اڳواڻن ڪالهه واري نوٽيفڪيشن تي اختلاف ڪيو، اسان اهو فيصلو ڪيو جيڪو اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ تجويزون پيش ڪيون ويون، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ مختلف کاتن ۽ اسپتالن جا ماڻهو به ايندا آهن، اُتي اِها تجويز ڏني وئي هئي ته ٻن هفتن جي لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ گهرجن يقينن اسڪولن جي بندش ڪجهه عرصي جي لاءِ آهي، اسان کي خبر آهي ته ڪورونا صورتحال ۾ ٻارن جي تعليم جو قنصان ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.