فخر زمان ڪيريئر جي ٻي ڊبل سينچري ٺاهيندي ٺاهيندي رهجي ويو

 

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين فخر زمان ون ڊي ڪيريئر جي ٻي ڊبل سينچري ٺاهيندي ٺاهيندي رهجي ويو.

جوهانسبرگ ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ون ڊي ميچ دوران فخر زمان اڪيلي سر نه رڳو پاڪستان کي فتح جي ويجهو پهچائي ڇڏيو پر پنهنجي ڪيريئر جي ٻي ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ جي به ويجهو پهچي ويو.

فخر زمان 10 ڇڪن ۽ 18 چوڪن جي مدد سان 193 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي بدقسمتي سان رن آئوٽ ٿي ويو.

واضح رهي ته فخر زمان پاڪستان جو واحد بيٽسمين آهي، جنهن کي ون ڊي فارميٽ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.