وزيرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، سڄو ٽولو مَٽائڻو پوندو: سراج الحق

راجن پور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هاڻ حڪومتي وزيرن جي تبديلي سان ڪم نه هلندو، سڄي ٽولي کي تبديل ڪرڻو پوندو.

اِها ڳالهه جماعت اسلامي جي امير سراج الحق راجن پور ۾ ميڊيا سان ڪندي چئي.

هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جي مخالف ڌر اڳواڻ بڻجڻ ۾ جماعت اسلامي اصولن جي موجب ووٽ ڏنو.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي 18 ووٽ هئا ۽ ٻئي پاسي 22 ووٽ هئا، ته ان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي.

سراج الحق جو اِهو به چوڻ آهي ته مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ۾ ٿيل تماشو ٻين جينا اسان به ڏسي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.