لاهور جي اسپتالن ۾ صورتحال ضابطي ۾ آهي: ڊاڪٽر ياسمين راشد

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو آهي ته لاهور جي اسپتالن ۾ صورتحال ضابطي ۾ آهي ۽ 40 سيڪڙو هنڌ هاڻ به موجود آهن.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته لاهور جي اسپتالن ۾ 40 سيڪڙو بسترا خالي ۽ 49 وينٽي ليٽر موجود آهن، ماڻهو وڃڻ ؛ان اڳ ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏين.

ڊاڪٽر ياسمين راشد جو چوڻ هو ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسپتالن ۾ بيڊز جو انگ وڌي ويو آهي، جن علائقن ۾ مريضن جو انگ وڌي ويو آهي اُتي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ هر قسم جي اجتعامن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پنجاب ۾ گذريل ڏينهن 26 هزار ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين هنئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.