ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿيڻ لڳي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿيڻ لڳي.

صحت کاتي موجب 27 مارچ کان 2 اپريل تائين ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت اچڻ جي شرح 5.03 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته انهيءَ عرصي ۾ حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت اچڻ جي شرح 7.13 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت اچڻ جي شرح 1.68 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

صحت کاتي موجب 27 مارچ کان 2 اپريل دوران صوبي ۾ 63 هزار 544 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1818 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 86 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.