موسميات کاتي اپريل مهيني بابت عوام کي خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اپريل ۾ برساتون معمول کان گهٽ ۽ گرمي وڌيڪ رهندي.

موسميات کاتي اپريل مهيني جو آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اپريل ۾ برساتن جي هڪ يا ٻن سلسلن جو امڪان آهي، جڏهن ته رمضان المبارڪ دوران مٿين علائقن ۾ گرمي پد نارمل ۽ هيٺين علائقن ۾ وڌيڪ رهندو.

موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ گرمي جي هڪ يا ٻه لهرون اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي مٿين علائقن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ آنڌارين سان ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ اپريل مهيني ۾ 74 ورهين کانپوءِ ٻيو بلند ترين گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.