ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان

 

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ون ڊي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي.

گرين شرٽس پهرين ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ مهمان ٽيم کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ قومي ٽيم ۾ تبديلين جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ٽيم انتظاميا ٻي ون ڊي ميچ لاءِ حتمي اليون ۾ ٻن تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي، جن ۾ حسن علي کي کيڏائڻ ۽ عبدالله شفيق کان ون ڊي ڊيبيو ڪرائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جوهانسبرگ جي ميدان ۾ محمد حسنين ۽ آصف علي ايڪشن ۾ نظر نه ايندا، جڏهن ته دانش عزيز کي وڌيڪ موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.