ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان گون تي مزاج پرسي ڪئي ۽ چيو ته توهان جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪري رهيو آهيان.
ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي مستقبل تي به ڳالهيون ڪيون.