ٽي ملڪي ٽورنامينٽ: قومي بلائينڊ ٽيم هٿان ڀارت کي 58 رنسن تان شڪست

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ڀارت کي 58 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڍاڪا ۾ جاري ٽي ملڪي بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ پاڪستان پهريان کيڏندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون.

قومي ٽيم طرفان بدر منير 50 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته معين اسلم 33 ۽ نثار اسلم 30 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهي سگهي.

پاڪستان طرفان انيس جاويد، شاهه زيب ۽ ساجد نواز 2-2 شڪار ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.