اوپو ايف 19 سيريز جو نئون فون متعارف ڪرائي ڇڏيو

اوپو مارچ ۾ ايف 19 پرو ۽ ايف 19 پرو پلس متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ هن سيريز جو ٽيون اسمارٽ فون ايف 19 پيش ڪيو ويو آهي.

اوپو ايف 19 کي سري لنڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي ۽ جلد ٻين ملڪن ۾ به صارفن کي ملي سگهندو.

اوپو ايف 19 ۾ 6.43 انچن جو اموليڊ ڊسپلي ايف ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ مٿان کاٻي ڪنڊ تي پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر به ڊسپلي جي اندر لڳل آهي.

فون جي اندر اسنيپ ڊراگون 662 پراسيسر موجد آهي جڏهن ته 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي.

ايف 19 ۾ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اينڊرائيڊ 11 جي ڀيٽ اوپو جي ڪلر او ايس 11.1 سان ڪئي وئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

ايف 19 جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏوگڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ان سيٽ اپ جو حصو آهن.

هي فون 2 رنگن ۾ موجود هوندو پر ڪمپني في الحال قيمت ۽ موجودگي جي تاريخن جو اعلان ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.