سنڌ بينڪ ڪوڙو اڪائونٽس ڪيس، نيب طرفان ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو سنڌ بينڪ مني لانڊرنگ جي ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ننڍو ريفرنس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو .

عدالت 5 مارچ تي ننڍو ريفرنس داخل ڪرڻ تي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي هئي.

هڪ سال جي انتظار کان پوءِ نيب ننڍي ريفرنس جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

جمع ڪرايل نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڪيس ۾ سلطاني شاهد بڻجندڙ ناصر لوٿا جو جواب نه مليو.

نيب جي رپورٽ موجب مارچ 2020ع تي به گڏيل قانوني سهڪار جو ايم ايل اي يو اي اِي موڪليو هو.

 نيب جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايم ايل اي پرڏيهي کاتي جي ذريعي يو اي اِي جي منسٽري آف جسٽس کي موڪليو ويو، 17 سيپٽمبر 2020ع تي خاطري جو خط به موڪليو.

قومي احتساب بيورو جي عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته جواب نه ملڻ تي 21 جنوري 2021ع تي ٻيون ايم ايل اي به موڪليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.