هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو لاڏاڻو ڪري ويو

حيدر آباد(ويب ڊيسڪ) قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي سڄي ڄمار ارپيندڙ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪامريڊ غلام رسول سهتو کي اڄ اوچتو خراب ٿيڻ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو سنڌ واسين کان جسماني طور تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڪجهه عرصي کان مختلف بيمارين جي ڪري تمام گهڻو عليل ٿي چڪو هو، سنڌ حڪومت طرفان ڪامريڊ غلام رسول سهتو جو علاج ڪرائڻ جي اعلان کان پوءِ کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

 ڪامريڊ غلام رسول سهتو کاٻي ڌر جي انتهائي سرگرم رهندڙ اڳواڻن مان هو، سندس وڇوڙي تي سنڌ جي ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين سميت اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن ۽ ساڃاهه وندن پاران ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

 هن سوڳوارن ۾ 2 پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيا آهن، ڪامريڊ غلام رسول سهتو جو مڙهه حيدرآباد کان محرابپور نيو ويندو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.