پاڪستان ۾ پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو…؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون روزو 14 اپريل تي ٿيندو.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ رمضان جو چنڊ 13 اپريل تي ڏسي سگهجي ٿو.

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪراچي ۾ چنڊ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ۽ انشاءَ الله رمضان جو پهريون روزو 14 اپريل تي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.