پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ تاريخ جو گرم ترين ڏينهن

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويو.

ڪراچي ۾ گرمي جي سخت لهر ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جو موجوده گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، ان کان اڳ 14 اپريل 1947 ۾ ڪراچي جو گرمي پد 44.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.

موسميات کاتي موجب منجهند هڪ وڳي شهر جو گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو هو، جيڪو اوچتو 2 ڊگري مٿي هليو ويو، شهر ۾ 15 کان 20 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڏکڻ اوڀر هوائون گهلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ گهم جي شرح 5 سيڪڙو آهي پر سامونڊي هوائون جلد بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.

هوڏانهن طبي ماهرن چيو آهي ته شهري بنا ضرورت اُس ۾ گهران نه نڪرن، نڪرڻ ضروري هجي ته مٿو ڪڍي نڪرن، پاڻي ۽ ٻين پيئڻ وارين شين جو استعمال معمول کان وڌايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.