”ن ليگ جي ڪجهه دوستن کان به يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي هضم نه ٿي“

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي وزيراعظم جيان ڪجهه ن ليگ جي دوستن کان به هضم نه ٿي.

خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪنهن ويڙهه ۾ نٿا پوڻ چاهيون، اپوزيشن جون ڪجهه جماعتون اهو تاثر ڏئي رهيون آهن ته پ پ ڊيل ڪئي آهي، پ پ ڪنهن ڊيل جي سياست ناهي ڪندي.

هن چيو ته ننڍن معاملن بدران حڪومت مخالف تحريڪ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پارلياماني سياست ڪندي اپوزيشن ليڊر سان رابطو رکڻو پوندو، پي ڊي ايم سربراهه طور مولانا فضل الرحمان جي ذميواري آهي ته سڀني جماعتن کي متحد رکي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن جماعتن گڏجي عمران نيازي جو مقابلو ڪنديون ته وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي، نادان دوست کي اسان به جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا پر چُپ آهيون، نٿو سمجهان کي ڪنهن کي پرچائڻ جي ضرورت آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽيٽ بئنڪ بابت آرڊيننس جي هر فورم تي مخالفت ڪنداسين، پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت جي اپوزيشن پ پ ڪري رهي آهي، اپوزيشن جون باقي جماعتون اپوزيشن جي اپوزيشن ڪري رهيون آهن، اختلاف هڪ پاسي رکي حڪومت خلاف متحد ٿيڻ گهرجي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته سڀني جو نقصان ٿيندو.

پ پ چيئرمين موجب وزيراعظم ۾ اها صلاحيت ئي ناهي ته معيشت هلائي سگهي، جيئن يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي عمران خان کان هضم نه ٿي، ائين ئي اسان جي ن ليگ جي ڪجهه دوستن کان به اها هضم نه ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.