سنڌ ۾ اٺين درجي تائين اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ اٺين درجي تائين اسڪول بند ڪرڻ جھي تجويز آڏو آئي آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ اسڪول بند ڪرڻ بابت ٻن تجويزون آڏو آيون.

ذريعن موجب اجلاس دوران اسٽيرنگ ڪميٽ  جي ڪجهه ميمبرن سنڌ ۾ اٺين درجي تائين جي لاءِ اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ڪجهه ميمبرن اسڪولن کي 15 ڏينهن جي لاءِبند ڪرڻ جو چيو پر ڪجهه ميمبرن اسڪول بند ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.

ذريعن موجب اسٽيرنگ ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن چيو ته نائين کان ٻارهين تائين ڪلاسون جاري رکيون وڃن جڏهن ته ان موقعي تي پرائيويٽ اسڪولز جي نمائندن اعتراض واريو ته جڏهن مارڪيٽون کليل آهن ته اسڪول بند ڇو ڪيا وڃن؟

سعيد غني:

اجلاس کان پوءِ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته اجلاس ۾ اسڪولن کي بند ڪر يا نه ڪرڻ جون 2 مختلف تجويزون آڏو آيون جن کي اين سي او سي ۾ پيش ڪندس.

هن چيو ته اسٽيرنگ ڪميٽي ۾ اسڪولن جي رمضان ٽائمنگ جي حوالي سان ڪا به تجويز ناهي آئي.

سعيد غني جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي حوالي سان صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.