وزير اعظم کي ڪيل واعدا ٻيهر ياد ڏياريو: متحده جي عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ دانهن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي 3 رڪني وفد سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڪنور نويد جميل ۽ وسيم اختر شامل هئا.

متحده جي وفد ملاقات ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪيل لکت واري معاهدي تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي.

ذريعن موجب معاهدي ۾ سنڌ جي شهري علائقن ۾ ترقي، ٻيهر آدم شماري، ايم ڪيو ايم جون آفيسون کولڻ، گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي ۽ ڪوڙن ڪيس جو خاتمو به شامل آهي.

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ملاقات ۾ دانهن ڏني ته گم ٿيل ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، ڪارڪن اڃا گم آهن، ايم ڪيو ايم جون آفيسون به اڃان تائين بند آهن جڏهن ته ان حوالي سان ڪي بندوبست ٿيندي نظر نه پيا اچن ۽ ٻئي پاسي لياري گينگ وار سربراهه عذير بلوچ هر ٽئين ڏينهن مختلف ڪيسن ۾ بري ٿي رهيو آهي.

ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر طرفان خاطري ڪرائي وئي ته حڪومت سان گڏجي اعلان ڪيل سمورن معاملن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.