پسند جون فونون کڻڻ سان عوام کي فائدو نه ملندو: راجا پرويز جي وزير اعظم تي تنقيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته وزير اعظم جي بنيادي ذميواري قومي اسيمبلي ۾ عوام جي سوالن جو جواب ڏيڻ آهي.

قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم جي عوام سان ٽيليفون تي ڳالهين تي بحث دوران پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف چيو ته پنهنجي پسند جون ڪجهه ڪالز کڻي پاڪستان جي عوام کي فائدو نٿو ڏئي سگهجي.

راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته وزير اعظم جي بنيادي ذميواري قومي اسيمبلي ۾ عوام جي سوالن جو جواب ڏيڻ آهي.

اسيمبلي ميمبر شاهده رحماني چيو ته وزير اعظم جڏهن عوام جون ڪالون کنيون ته اليڪشن ڪميشن جو فيڪس نمبر ڏنو ويو هو.

ن ليگ جي مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته وڏي ڪوشش ڪئي پر وزير اعظم جي ڪال نه لڳي، جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو ئي وزير اعظم سان رابطو نٿو ٿئي ته عوام جو ڇا ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.