ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي برطانيا سان احتجاج ڪيو وڃي: سعيد غني جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پرڏيهي کاتي کان ريڊلسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي برطانيا سان احتجاج جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته عمران خان جي مرضي سان ڀارت سان واپار جو فيصلو ٿيو، ڪابينا معاملو اچڻ تي وزير اعظم پڇي رهيو آهي ته ڀارت سان واپار جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڇا وزير اعظم سمري پڙهڻ کان سواءِ صحيح ڪري ڇڏيندو آحي؟ جيڪڏهن حماد اظهر فيصلو منظوري کان سواءِ ڪيو آهي ته هن کي برطرف ڪرڻ گهرجي.

سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته برطانيا ۾ ڪورونا صورتحال خراب آهي ۽ برطانيا پاڪستان تي پابندي هڻي ڇڏي ان ڪري پرڏيهي کاتي کان مطالبو آهي ته هو ان معاملي سان برطانيا سان احتجاج ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.