اسلام ڪوٽ:واپاري ايسوسيئشن پاران مٺي بارجي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

اسلام ڪوٽ ۾ واپاري ايسوسيئشن پاران ٿر بار ايسوسيئشن ۽ رٽائر اُستادن جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي ،جنهن ۾ اڳوڻن تعليم کاتي جي آفيسرن دولترام ميگهواڙ،سلطان فقير،مبارڪ ڪنڀار،نانڪرام سوٽهڙ ۽ تلسي داس سوٽهڙ کي مڃتاءُ ايوارڊ ڏنا ويا،تقريب کي خطاب ڪندي بار جي صدر وڪيل وسند ٿري، ڀيرولال سوٽهڙ،راءِ سنگھ سوڍو،منور ساگر ۽ ٻين چيو ته واپاري ايسوسيئشن جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي مان ڏنو،ٿر جي وڪيل برادري هميشه ٿر جي ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اڄ به گڏ آهيون،ڪارونجهر کي ڪوري ڪٽڻ واري مسئلي تي وڪيل برادري پنهنجو ڪيس وڙهيو،اسين اڄ به ٿر جي هر مسئلي تي ائين گڏ بيٺل هونداسين

تعليمدانن دولترام ميگهواڙ،سلطان فقير ۽ مبارڪ ڪنڀار خطاب ڪندي چيو ته واپاري برادري اڄ اسان جي مان ۾ شاندار تقريب رکي ثابت ڪيو آهي ته زنده قومون پنهنجن استادن کي ائين عزت بخشينديون آهن

اُن موقعي تي سيٺ کلومل ۽ ٻين به خطاب ڪيو،تقريب جي آخر ۾ محفل موسيقي ٿي جنهن ۾ نزاڪت صادق فقير پنهبجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو، تقريب ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،اڳوڻي ناظم گهنشام داس پارواڻي،مختيارڪار انور هنگورجو،اسسٽنٽ مختيارڪار لال محمد بجير ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

رپورٽ-غازي بجير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.