”هاڻ واٽس ايپ تي پيغامن سان گڏ پيسا به ويندا“

گذريل سال جون ۾ واٽس ايپ هڪ بهترين فيچر (گرائونڊ بريڪنگ) متعارف ڪرايو هو جنهن جي تحت واٽس ايپ صارف پنهنجي عزيزن ۽ دوستن کي پيغامن کان سواءِ پيسا به موڪلي پئي سگهيا پر ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس معطل ڪيو ويو هو.

واٽس ايپ جي ان نئين فيچر کي واهپيدارن ۾ مقبوليت ملي هئي جنهن جي ڪري هاڻ ان فيچر ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

شروعات ۾ ان فيچر کي برازيل جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو جڏهن ته ڪمپني جو چوڻ هو ته ان کي ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

ان اعلان جي هڪ هفتي کان گهٽ عرصي دوران برازيل ۾ مسابقتي خدشن کي نظر ۾ر کندي ان سروس کي معطل ڪيو ويو هو.

پر هاڻ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي ان سروس ٻيهر ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ان سروس مان فائدو کڻندي رقم منتقل ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.