ناليوارو فنڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو ناليوارو فنڪار شوڪت علي لاڏاڻو ڪري ويو.

فنڪار شوڪت علي سي ايم ايڇ ۾ علاج هيٺ هو ۽ هن جي لاڏاڻي جي تصديق سندس وارثن ڪئي آهي.

فنڪار شوڪت علي جيري جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ هن جي پٽ عمران شوڪت مداحن کان پنهنجي پيءُ جي صحتيابي لاءِ به دعا جي اپيل ڪئي هئي.

شوڪت علي پنجاب جي ضلعي گجرات جي فنڪار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن پنهنجي فني سفر جو آغاز فلمي گانن سان 1960 واري ڏهاڪي ۾ ڪيو هو ۽ شوڪت علي جو غزل ، گيت، قومي تراني ۽ پنجابي گيتن ۾ منفرد مقام هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.