پيپلز پارٽي جو اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس چيلينج ڪرڻ جو اعلان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت معاشي فيصلا آرڊيننس جي ذريعي ڪرڻ چاهي ٿي، آرڊيننس سان پاڪستان جي پنهنجي ئي اسٽيٽ بينڪ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هلندي، اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪنداسين.

جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته 2018ع جي اليڪشن ۾ سڄي اندر ڌانڌلي ٿي، ان وقت ڪوشش ڪئي وئي ته عوامي نمائندن جي بدران من پسند نمائندا چونڊجن، 2018ع ۾ جيڪا ڌانڌلي شروع ٿي هئي اُها اڄ تائين جاري آهي، عوام جي نمائندن کي روڪيو پيو وڃي، اسان جي جيالن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته ڊسڪه جيان سڄي ملڪ ۾ شفافيت آڻي، جتي جتي ڌانڌلي اُتي اليڪشن ڪميشن کي آزاد خود مختيار ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو چيو ته مهانگائي وڌندي پئي وڃي، حڪومت، بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ڪري رهي آهي ۽ پنهنجا ئي ادارا آءِ ايم ايف جي حوالي پئي ڪري، ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن کان پوئتي آهي، ملڪ جي معاشي بحران جي ڪري عمران خان جي حڪومت آهي، ٽي سالن ۾ 2 ناڻي وارا وزير تبديل ٿيا پر پاليسي هڪ ئي آهي، حڪومت جي پاليسي اميرن کي ريليف ۽ غريبن کي تڪليف رسائڻ آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ ايم ايف ڊيل جي ڪري اڄ تاريخي بيروزگاري آهي، حڪومت معاشي فيصلا آرڊيننس جي ذريعي ڪرڻ چاهي ٿي، آرڊيننس سان پاڪستان جي پنهنجي ئي اسٽيٽ بينڪ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي هلندي، اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان صدارتي آرڊيننس کي چيلينج ڪنداسين، اميد آهي ته اسان کي عدالتن ۾ انصاف ملندو.

پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي ٻڌايو ويو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو ماضي اهڙو آهي جو گڏجي هلڻ ڏکيو آهي، پر انهن خيالن جي باوجود مون پوري ڪوشش ڪئي ته سموريون پارٽيون گڏجي هلن، هاڻ به اِهو عزم آهي ته سموريون پارٽيون گڏجي هلن ۽ سمورا معاملا گڏجي حل ڪن، مخالف ڌر جي ويڙهه جو حڪومت کي ڪو به فائدو نه ٿيو، اسان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ چاهيون ٿا، مخالف ڌر کي ورهائڻ واري ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، هن حڪومت ۽ عمران خان کي وڃڻو پوندو، پيپلز پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ سمورا غور هيٺ ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.