سنڌ حڪومت جي وفاق کان بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءِ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت فوري طور 20 لک ڪسينو بائيو ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي، ڪوشش هئي ته 10 ملين ڊوزز خريد ڪيون.

سيد ناصر حسين شاهه بيريسٽر مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪورونا بابت پراونشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي.

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سيد مراد علي شاهه اين سي او سي جي اجلاس ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جي تجويز نه ڏني هئي پر بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي 14 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کي پڻ رد نه ڪيو ويو هو پر ان تي وڌيڪ مشاورت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت اين سي او سي جي فيصلن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ جن علائقن ۾ ڪورونا جو ريشو وڌيڪ آهي اتي پابنديون لڳايون پيون وڃن جڏهن ته تعليم واري وزير کي اجلاس گهرائي اسڪولن بابت فيصلو ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته صحافي فرنٽ لائين ورڪر آهن انهن جي ويڪسينيشن لاءِ ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪلب تي ڪورونا ويڪسين جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

مرتضيٰ وهاب:

ان موقعي تي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير 31 مارچ تي  اين سي او سي اجلاس ۾ وزيراعظم کي سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ماڻهن جي بين الصوبائي چرپر بند ڪرڻ جي به گذارش ڪئي هئي ته جيئن ڪورونا ملڪ جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ روڪجي.

هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ گذارش ڪئي هئي ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي ته جيئن ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪي سگهي ان سان گڏ ويڪسينيشن جي پراسيز ۽ طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ ويڪسينيشن جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون تجويزون پيش ڪيون هيون ۽ عمر جي حد ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي هئي.

هن چيو ته ميڊيڪل عملي کان علاوه پوليس، رينجرز اهلڪار ۽ روينيو عملدار به فرنٽ لائين ورڪر آهن انهن کي به محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد بهتر نموني ڪري سگهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته ڪتي ڏاڙهڻ جي واقعن تي بلديات کاتي جي 40 سينيئر آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي اسان سول سوسائٽي ۽ اين جي اوز سان گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون هن چيو ته ڪتن کي نيوٽريلائيز ڪرڻ لاءِ ڪي به فنڊز ناهن رکيا ويا اپوزيشن جا الزام بي بنياد آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.