پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جا امڪان روشن

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي شرڪت جا امڪان روشن ٿي ويا، آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ ويزائن ۽ ٽيڪس معاملن تي هاڪاري ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي پڌرائيءَ موجب ايندڙ مهيني اهي معاملا حل ٿي ويندا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم، آفيشلز، ميڊيا ۽ شوقينن لاءِ ويزائن ۽ سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ تحريري ضمانت گهري هئي.

بورڊ اجلاس ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ ڍاڪا ۾ شيڊيول آءِ سي سي وومينز انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هاڻ اهو ايونٽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ بهتري تي ٻن سالن کانپوءِ ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هن سال آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڀارت ۾ شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.