سيوهڻ: لعل شهباز جو عرس نه ٿيڻ تي زائرين درگاهه جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جو ساليانو عرس رد ڪرڻ واري معاملي تي سڄي ملڪ جي زائرين سيوهڻ پهچي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، مڇريل زائرين درگاهه جون گيٽون ٽوڙي ڇڏيون ۽ ڪيترين ئي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مڇريل زائرين درگاهه جي انٽري پوائنٽ گيٽ ٽوڙي ڇڏي، جڏهن ته زائرين ڪيترين ئي موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي.

پوليس جي ڳري نفري درگاهه جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته درگاهه جي اندرين اڱڻ کي مڇريل زائرين کان خالي ڪرايو ويو.

ڪورونا وائرس جي ڪري درگاهه شهباز قلندر  جي عرس جون تقريبون رد ڪيون ويون.

هوڏانهن جهيڙي دوران ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ دڪاندار زخمي پڻ ٿي پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.