نثار کهوڙو جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي اجازت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ نثار کهوڙو جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نثار کهڙي جي پرڏيهه وڃڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته نثار کهوڙو 9 اپريل کان 19 مئي 2021ع تائين ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته نثار کهوڙو جي خلاف نيب 3 انڪوائريون ڪري رهيو آهي، خدشو آهي ته جوابدار ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان پوءِ وطن واپس نه موٽندو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي اپيل ڪئي ته نثار کهوڙو کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

نثار کهڙي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نثار کهوڙو جي فيملي ملڪ کان ٻاهر آهي، ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون جي ڪري نثار کهوڙو فيملي سان ناهي مليو.

نثار کهوڙو جي وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ کان اپيل ڪئي ته نثار کهوڙو جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت نثار کهڙو جي پرڏيهه وڃڻ واري درخواست منظور ڪندي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ هن کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.