بالي ووڊ اداڪارا ڪرن کير بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جي گهرواري ۽ ڀارتي لوڪ سڀا جي ميمبر ڪرن کير بلڊ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي.

انوپم کير ۽ سندس پٽ سڪندر کير اڄ صبح ڪرن کير جي بيماري جي تصديق ڪئي.

ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪندي انوپم کير چيو ته افواهن سان صورتحال بهتر ناهي ٿيندي، تنهن ڪري مان ۽ سڪندر سڀني کي آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪرن ۾ ملٽيپل مائيلوما بلڊ ڪينسر جي هڪ قسم جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرن کير جو علاج جاري آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته هوءَ اڳ کان وڌيڪ طاقتور هوندي، اسان خوش قسمت آهيون ته ان جو علاج بهترين ڊاڪٽر ڪري رهيا آهن، هوءَ سدائين هڪ فائيٽر ۽ اڳتي وڌندي رهي آهي.

هن مداحن کي گهرواري جي صحت لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي، جڏهن ته نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جا ٿورا پڻ مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.