”سنڌ حڪومت قرض ڏئي روزگار جا موقعا ڏيڻ چاهي ٿي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪوتم غريب ماڻهن کي بنا وياج قرض ڏئي روزگا جا موقعا ڏيڻ چاهي ٿي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان دوران مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ننڍي واپار جا موقعا غريب نوجوانن کي ڏئي روزگار ڏنو وڃي، سنڌ حڪوتم هڪ يا 2 بلين رپين سان سيلف ايمپلائمنٽ جو پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران وڏي وزير طرفان منصوبابندي ۽ ترقي واري چيئرمين، سيڪريٽري فنانس ۽ قانون واري سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪميٽي پنهنجي تفصيلي رپورٽ ڏيندي، هي پروگرام چيف منسٽر سيلف ايمپلائيمنٽ اسڪيم جي نالي سان شروع ڪيو ويندو.

وڏي وزير جي ترجمان موجب اصولي طور تي ڪابينا طرفان پرپوزل منظور ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.