سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان خانگي ڪمپني کي روسي ڪورونا ويڪسين جي وڪري جي اجازت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي ڪمپني کي روسي ڪورونا ويڪسين اسپوٽنڪ فائيو وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي ويڪسين جو وڪرو وڌيڪ هڪ هفتو روڪڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو.

عدالت لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ويڪسين جو وڪرو روڪڻ عوامي مفاد ۾ ناهي. حڪومت هن وقت تائين ڪا قيمت مقرر ناهي ڪئي.

خانگي ڪمپني 12 هزار 226 رپين ۾ ويڪسين وڪرو ڪندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ روسي ڪورونا ويڪسين اسپوٽنڪ فائيو جي ريليز بابت لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ خانگي ڪمپني کي روسي ويڪسين وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

ٻڌڻي دوران ويڪسين درآمد ڪندڙ ڪمپني جي وڪيل ٻڌايو ته پرڏيهي ڪمپني سان 20 لک ويڪسينز جو معاهدو ڪري رکيو آهي، پنجاهه هزار ويڪسين گهرائي چڪا آهيون، مقامي سطح تي ويڪسين جي قيمت 12 هزار 2 سئو 26 رپيا رکي وئي آهي، معاهدي وقت قيمت مقرر نه ٿي هئي، حڪومت ويڪسين جا بعد ۾ مقرر ڪيا جيڪي اسپوٽنڪ فائيو جي قيمت تي نٿا لاڳو ٿي سگهن.

خانگي ڪمپني جي وڪيل خاطري ڪرائي ته مارڪيٽ ۾ ويڪسين جي قيمت بابت تفصيل رضاڪاراڻي طور تي عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

عدالت ڊريپ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر اچي چڪي آهي، حڪومت هن وقت تائين ڇا پئي ڪيو؟ پرائس فڪس ڇو ناهي ڪئي؟

ڊريپ جي وڪيل چيو، ايندڙ هفتي تائين ويڪسين جو وڪرو روڪي ڇڏيو، قيمت مقرر ڪئي ويندي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ان مرحلي تي ويڪسين جو وڪرو روڪڻ عوام جي مفاد ۾ نه هوندو، درآمد ٿيل ويڪسين بازار ۾ وڪرو ڪري سگهجي ٿي پر درخواست جي ٻڌڻي جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.