اين سي او اسان جون تجويزن نه مڃون ته پاڻ فيصلا ڪنداسين: مراد علي شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين سي او سي اسان جي تجويزن تي ضروري قدم نه کنيا ته پنهنجي طور فيصلا ڪنداسين.

هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو اسان تجويز ڏني هئي ته ٻن هفتن لاءِ انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪيو، ڪورونا جي پهرين لهر ۾ ان ڪري محفوظ رهياسين، ڇو ته اسان سموري ٽرانسپورٽ بند ڪري ڇڏي هئي.

هن چيو ته وزيراعظم جي لاڪ ڊائون تي پنهنجي سوچ آهي، سڀاڻي ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي گهرائي آهي، اين سي او سي ضروري قدم نه کنيا ته اسان پنهنجي طور فيصلا ڪندا.

سندس چوڻ هو ته ويڪسينيشن مهم وڌيڪ تيز ڪرڻ جو چيو آهي، چاهيان ٿو خبر پئي ته حقيقت ۾ ڪيتري ويڪسين جي ضرورت آهي، اسان کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي به ويڪسينيشن ڪرڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.