لاڙڪاڻي ۾ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 8 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ڄاڃين سان ڀريل بس حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

لاڙڪاڻي پوليس موجب مراد واهڻ پاڙي جي ڪنڀر برادري جي ڄاڃين سان ڀريل بس قمبر شهدادڪوٽ جي علائقي لعلو رائنڪ وڃي رهي هئي ته رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حدن ۾ لاڙڪاڻي باءِ پاس وٽ ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرجي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

فوتين ۾ اياز ڪنڀر، رحيم بخش ڪنڀر، ڪريم بخش ڪنڀر، تانيا خاتون، شازيا خاتون، فهد علي ۽ ٻيا شامل آهن.

اطلاع ملندي ئي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر حادثي واري هنڌ پهتا، جڏهن ته ضلعي انتظاميا طرفان سڀني ڊاڪٽرن کي حادثن واري شعبي ۾ طلب ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.