بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

سنچورين (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ميزبان ٽيم خلاف سيريز کٽي پنهنجون پوائنٽون بهتر ڪنداسين.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته پريڪٽس سٺي رهي ۽ سڀني رانديگرن پاڻ کي ڪنڊيشن کان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪاميابين جو سلسلو جاري رکنداسين، سڄي ٽيم کي اعتماد آهي ته اسان کٽينداسين.

هن چيو ته ماڊرن ڪرڪيٽ کي سامهون رکي پلان ٺاهيو آهي، دنيا ۾ جيئن ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي، ڏکڻ آفريقا خلاف به ائين ئي کيڏنداسين، ميزبان ٽيم پنهنجي ڪنڊيشن ۾ سٺو کيڏندي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته کٽيون ۽ پوائنٽون بهتر ڪيون.

سندس چوڻ هو ته رانديگرن کي تسلسل سان کيڏائجي ته ڪارڪردگي به سٺي رهندي آهي ۽ اعتماد به وڌندو آهي، مون کي پنهنجي بالرن تي اعتماد آهي، جيڪي مخالف ٽيم کي 300 کان گهٽ رنسن تائين محدود رکي سگهن ٿا، پلان ڪيو آهي ته اسٽرائيڪ ريٽ سٺو هجي، اسان به 350 رنسن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

بابر اعظم موجب اسان وٽ سمورا رانديگر بهترين آهن، جيئن ٻين رانديگرن لاءِ پلان ٺاهيو آهي، سرفراز لاءِ به اهو ئي پلان آهي، ضرورت پئي ته سرفراز کي به کيڏائينداسين، ڪامبينيشن ذهن ۾ آهي، جيڪو مناسب هوندو ان کي کيڏائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.