ملڪ ۾ سون اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولي اگهه ۾ هڪ ئي ڌڪ ۾ 1600 رپيا واڌ ٿي وئي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 1600 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 4 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون هڪ هزار 372 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 89 هزار 592 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 27 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 712 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.