حفيظ شيخ کي هٽائڻ جو سبب مهانگائي ناهي: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي عظيم حڪومت کي حفيظ شيخ کي صلاحڪار مان وزير بڻايو پر کيس هٽائڻ جو سبب مهانگائي ناهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته گذريل ڀيري جڏهن سينيٽ چيئرمين چونڊ ٿي هئي ته بلوچستان عوامي پارٽي نه ٺهي هئي، پ پ جا سينيٽ ۾ 21 ميمبر آهن، 2 عوامي نيشنل پارٽي جا هئا، هڪ جماعت اسلامي ۽ ٻه فاٽا جا ميمبر يوسف رضا گيلاني سان گڏ هئا، سينيٽ چونڊن ۾ مان چيو هو ته اسان ووٽ سڀني کان گهرنداسين.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام تي مهانگائي جو عذاب آهي، 6 مهينا اڳ حفيظ شيخ کي صلاحڪار مان وزير بڻايو ويو، حفيظ شيخ کي هٽائڻ جو بنياد مهانگائي ناهي پر اهو فيصلو پي ڊي ايم جي فتح آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.