سنڌ ۾ جلسن، جلوسن ۽ سماجي تقريبن تي مڪمل پابندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز بابت نئون حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ جلسن، جلوسن سميت سماجي تقريبن تي مڪمل پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب 6 اپريل کان سمورا شادي هال بند هوندا ۽ ريسٽورنٽ ۾ اندر کاڌو کائڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪاروباري مرڪز صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين کليل رهندا.

نوٽيفڪيشن ۾ نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ اڌ عملو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيون ايس او پيز 11 اپريل تائين لاڳو رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.