همايون سعيد کي ڀارتي ناريءَ شادي جي آڇ ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار همايون سعيد کي ڀارتي ناريءَ شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي.

اداڪار همايون سعيد نالي هڪ ڀارتي مداح ٽوئيٽر تي پيغام لکيو ته ”ڊيئر همايون سعيد، ڇا توهان مون سان شادي ڪندئو؟ ڄاڻان ٿي ته توهان شادي شده آهيو پر هن دل جو ڇا ڪيان، منهنجو واسطو ڀارت سان آهي ۽ توهان کي ڏاڍو پسند ڪندي آهيان، مان توهان کان 24 سال ننڍي آهيان پر يقين مڃيو توهان سان ڏاڍي محبت ڪندي آهيان.

ڀارتي ناري وڌيڪ لکيو ته ”مهرباني ڪري جواب ڏيو ڇا توهان ايندڙ جنم ۾ مون سان شادي ڪندئو؟ هن جنم ۾ ته ممڪن ناهي.

ڀارتي مداح کي جواب ڏيندي همايون سعيد چيو ته ”مون سان پيار ڪرڻ تي توهان جي مهرباني پر شادي لاءِ توهان کي انشاءَ الله مون کان بهتر ماڻهو ملي ويندا“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.