ڪتن جي چڪڻ جي واقعن تي معطل اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت بحال

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪتن جي چڪڻ جي واقعن جي ڪيس ۾ معطل صوبائي اسيمبلي ميمبرن فريال ٽالپر ۽ گيان چند ايسراڻي جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ڪتن جي چڪٽن وارن واقعن تي اسيمبلي ميمبر جي معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت صوبائي وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته وزير ڌمڪائي دٻاءُ وجهڻ چاهن ٿا، هڪ منسٽر چوي ٿو ته جج کي راڪيٽ لانچر هڻنداسين، سنڌ حڪومت جي ماتحت ناهيون، پگهارون بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون نه ڏنيون وڃن.

ان دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪتن جي چڪڻ تي ذميوار اسيمبلي ميمبر نه پر لوڪل گورنمنٽ آهي.

عدالت لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري کي ذميواري کڻڻ لاءِ لکت وارو بيان ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هاڻ حڪومت کي ڪتي جي چڪڻ سب فوت ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ڏيڻو پوندو، ڪنهن جي اک ضايع ٿي يا ڪو زخمي ٿيو ته ان جو به نقصان سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو ۽ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو.

بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪتن جي چڪڻ وارن واقعن جي ڪيس ۾ معطل صوبائي اسيمبلي ميمبرن فريال ٽالپر ۽ گيانچند ايسراڻي جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جسٽس آفتاب کي ملندڙ ڌمڪين تي هن کان معافي گهري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.