سمارٽ ۽ مائڪرو ڪجهه ناهي هوندو، يا لاڪ ڊائون ڪيو يا نه: مراد علي شاهه

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون، مائڪرو لاڪ ڊائون ڪجهه ناهي هوندو، رڳو لاڪ ڊائون هوندو آهي يا ناهي هوندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وبا ڏاڍي خطرناڪ آهي، مون ۾ اينٽي باڊيز آهن پوءِ به ڪورونا کان ڊڄي رهيو آهيان، اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر به ويڪسين ناهي، اسان ويڪسين لڳائي سگهياسين ۽ نه گهرائي سگهياسين.

هن چيو ته لاڪ ڊائون ڪيو يا نه ڪيو، سمارٽ لاڪ ڊائون، مائڪرو لاڪ ڊائون ڪجهه ناهي هوندو، گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن لاءِ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ بند ڪيو، ڪورونا تي سنڌ حڪومت جي قدمن کي اڳ به سڀني فالو ڪيو، اسان کي لاڪ ڊائون ڪري وبا جو زور ٽوڙڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون تي ٽوڪون ڪيون، وفاق چئي ٿو ته معيشت بچائڻي آهي، جيتوڻيڪ اسان جي معيشت سڀ کان ڪمزور آهي، معيشت جي تباهي سبب ئي وزير کي ڪڍڻو پيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڪورونا پاليسين سبب سڄي ملڪ کي فائدو ٿيو.

هوڏانهن سيد مراد علي شاهه ويڊيو لنڪ ذريعي وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيندڙ قومي رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ تجويز ڏني ته ٽرانسپورٽ ٻه هفتن لاءِ بند ڪئي وڃي، جنهن سان ماڻهن جي چُرپر بيهندي، جڏهن ته شين جي چرپر جاري رکي وڃي ۽ ايس او پيز تحت ڪاروباري مرڪز به کليل رکيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.