ڪراچي: عورت قيادت اسيمبلي جي عنوان هيٺ سيمينار، عورتن کي برابري جي بنيادن تي نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽ ماريا اسماعيل ) سنڌ جي عورت ايم پي ايز ۽ سول سوسائٽي سماجي عورت ڪارڪن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مڪاني چونڊون جلدي ڪرائيون وڃي ۽ هن ۾  عورتن کي برابري جي بنيادن تي نمائندگي ڏني وڃي .

اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ عورت فائونڊيشن ۽ سائوٿ ايشيا پارٽنر شب پاڪستان  جي سهڪار سان  عورت قيادت اسيمبلي جي عنوان هيٺ پراجيڪٽ جذبي جي تحت  ڪوٺايل سيمينارڪيو ويو.

سماجي اڳواڻ مهناز رحمان ۽ ٻين چيو ته جيڪي عورتون  سڃائب ڪارڊ کان محروم آهي هنن کي فوري طورسڃائب ڪارڊ جاري ڪري وڃن .اليڪشن واري مرحلي ۾ عورتن اقليتن ۽ خواجا سرائن کي پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ لاء ٽرانسپورٽ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پوليس اسٽيشن ۾ 24ڪلاڪ عورت پوليس آفيسر کي مقررڪيو وڃي.

سندن چوڻ هو ته مشرف دور ۾ مڪاني نظام ۾ عورتن کي جيڪا نمائندگي حاصل هئي اها ڪافي حد تائين اثرائتي ۽ بهتر هئي ايندڙ مڪاني نظام ۾ 2005 واري مڪاني نظام کي نظر ۾ رکندي مسودو جوڙيو وڃي. وومين ڪميشن جي چيئرپرسن نزهت شيرين چيو ته سنڌ سرڪار پاران جوڙيل سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين پاران عورتن جي بهتري لاء ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي اسان جي ڪوشش آهي ته عورتن جي حقن لاء جوڙيل قانون ۾ جتي به گنجائش آهي ان جي بهتري بابت سفارشون تيار ڪري وڏي وزير کي اماڻيون ۽ بهتر قانون سازي ٿي سگهي. ملڪا خان چيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ضلعا موجود آهن جتي عورتن جو ووٽ داخل هجڻ باوجود ووٽ ڪاسٽ نه هجڻ برابر ٿئي ٿو جڏهن ته خواجا سرائن کي ووٽ ڏيڻ واري مرحلي ۾ انيڪ ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو انهي ڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ووٽ واري مرحلي ۾ عورتن ۽ خواجا سرائن لاء خاص انتظام ڪري هن چيو ته صوبائي توڙي قومي اسيمبلين جو مدو پورو ٿيندي ئي نگران نظام حڪومت سنڀاليندي آهي پر مڪاني نظام جو مدو پورو ٿيڻ کانپوء وقت تي چونڊون ڪرائڻ ڪڏهن به حڪومت جي ترجيح ناهي رهي عورتن کي وسيلا نه هجڻ سبب اهي چونڊن  واري مرحلي جو حصو بڻجڻ نه چاهينديون آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ڊائريڪٽر پرويز احمد چيو ته اليڪشن ڪميشن هميشه وقت تي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي جن ضلعن ۾ عورتن جو ووٽ گهٽ ڪاسٽ ٿئي ٿو اتي خاص پراجيڪٽ ذريعي عورتن ۾ آگاهي مهم هلائي رهيا آهيون جن عورتن جا يا وري خواجه سرائن جا ووٽ داخل ناهن يا شناختي ڪارڊ ۾ ڪو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي ته اهي نادرا سان رجوع ڪن اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا وچ ۾ معاهدي تحت سندن مدد ٿيندي. ان موقعي تي قرارداد پاس ڪندي مٿي ڄاڻايل مطالبا ڪيا ويا.ان موقعي تي ايم پي ايزز ربيعه خان،منگلاشرما ۽ غزاله سيال  سميت ٻيون پنهنجي ڪونسلر کان وٺڻي ايم پي اي ٿيڻ جا واقعي ٻڌايون ان پروگرام ۾ هڪ وڏي انگ ۾ عورتون شرڪت ڪئي جڏهن ان ۾ مردن کي به گهرايو ويو هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.