نوجوان ڀارتي گلوڪار روڊ حادثي ۾ فوت

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جو مشهور پنجابي گلوڪار دلجان ڪار حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب دلجان گذريل رات امرتسر کان ڪرتارپور وڃي رهيو هو ته جنڊيالا گرو ڀرسان سندس گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي.

رپورٽن موجب دلجان جي گاڏي تيز رفتاريءَ سبب ٽرڪ سان ٽڪرجي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب دلجان جي فيملي ڪينيڊا ۾ رهندي آهي ۽ حادثي وقت هو گاڏي ۾ اڪيلو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.