مسلمان هجڻ سبب امتيازي ورتاءُ رکيو ويو: ڀارتي اداڪارا

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪارا نوشين علي سردار ڀارت ۾ مسلمانن سان امتيازي رويي تي کليل نموني خيالن جو اظهار ڪري ڇڏيو.

نوشين علي سردار هڪ انٽريو ۾ انڪشاف ڪيو ته رشتو ڪرائيندڙ عورت منهنجو رشتو ڪرائڻ کان رڳو ان ڪري انڪار ڪيو، ڇو ته مسلم گهراڻي سان واسطو رکندڙ هيس.

هن ٻڌايو ته لاڪ ڊائون دوران گهر وارن مون تي زور ڀريو ته رشتو ڪرائيندڙ ڪنهن سائيٽ تي پنهنجا تفصيل موڪليان پر مان ائين نه ڪري سگهيس، تنهن ڪري گهروارن انڊين ميچ ميڪنگ شو جي مشهور شادي ڪرائيندڙ صائمه تپاريا المعروف صائمه آنٽي وٽ وڃڻ جو سوچيو پر اسان ان وقت صدمي جي ڪيفيت ۾ هليا وياسين، جڏهن صائمه جواب ڏئي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو مون سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو هجي پر ان کان اڳ به مختلف هائوسنگ سوسائٽين ۾ گهر ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، اتي ماڻهو مسلمانن کي گهر يا فليٽ ڏيڻ جي حق ۾ نه هئا.

نوشين علي سردار چيو ته 2021 هلي رهيو آهي، ها مان مسلمان آهيان ته پوءِ ڇا ٿيو؟ مون کي به معاشري ۾ برابر حق حاصل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.