شهباز شريف جي گهرواري کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ حاضري کان ڇوٽ نه ڏيڻ خلاف نصرت شهباز جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.

عدالت نصرت شهباز کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم جاري ڪيو ته نصرت شهباز احتساب عدالت ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪري، نمائندو کيس هر ٻڌڻي جي ڪارروائي کان آگاهه ڪرڻ جو پابند هوندو.

عدالت حڪم ڏنو ته نصرت شهباز صحتياب ٿي عدالتي ڪارروائي ۾ شامل ٿئي.

واضح رهي ته احتساب عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏنو هو، جنهن خلاف هن لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.