نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ جي علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينٽرل ضلعي جي ٽن سڀ ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.

انتظاميا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلبر جي رهائشي يونٽس تي لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جيڪو 29 مارچ کان 12 اپريل تائين هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب لاڪ ڊائون ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر طرفان هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي تي هنيو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهن لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ متاثر علائقن جي ماڻهن جي غير ضروري اچ وڃ تي پابندي هوندي ۽ متاثر علائقن ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي جڏهن ته علائقي ۾ سموريون واپاري ۽ صنعتي سرگرميون معطل رهنديون، عوامي اجتماعن تي به پابندي هوندي ۽ متاثر علائقن جا ڪورونا مثبت ماڻهو پنهنجي گهرن اندر آئسوليٽ رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.