بجلي واهپيدارن تي 91 ارب 36 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جون تياريون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي واهپيدارن تي 91 ارب 36 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون.

نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي جي سربراهي ۾ بجلي ڪمپنين جي هلندڙ مالي سال جي ٻن مهينن جي ايڊجسٽمينٽس جي درخواستن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي.

بجلي ڪمپنين پهرين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کان 44 ارب 70 ڪروڙ رپيا وصولي جي درخواست ڪئي، جڏهن ته ٻين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واهپيدارن کان 46 ارب 65 ڪروڙ رپيا وصولي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ڊسڪوز اختيارين چيو ته واڌو رقم ادائيگين، آپريشنز اينڊ مينٽيننس سميت بجلي نقصانن جي مد ۾ گهري وئي آهي.

نيپرا چيئرمين توصيف فاروقي پڇيو ته لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، بجلي ڪمپنيون لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پلان ڏين، گذريل ٻڌڻي تي به اٿارٽي پلان گهريو هو پر اڃا تائين نه مليو.

نيپرا بجلي ڪمپنين جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، جنهن تي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.